خيار لهڙي

خيار لهڙي: خيار لهڙي، قلات جي حاڪم محراب خان جو فوجي آفيسر هو. ”تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر“ ۾ غلام رسول مهر ڄاڻايو آهي ته: ”ميان يار محمد ڪلهوڙي جي جلاوطنيءَ واري دؤر ۾ سندس خاندان قلات پهچي چڪو هو. اتي ميان نور محمد ۽ ميان محمد دائود کي قلات ۾ وڏي پريشاني ڏسڻي پئي. شهزادي معز الدين قلات جي حاڪم محراب خان کي تاڪيد ڪئي ته ڪلهوڙن جو ڪو به فرد ايران نه پهچي، انهيءَ حڪم تي محراب خان پنهنجي هڪ فوجي آفيسر خيار لهڙيءَ کي انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪيو. اها ڄاڻ پوڻ تي نور محمد ڪلهوڙي ۽ محمد دائود ڪلهوڙي جي محراب خان سان جنگ لڳي، جنهن ۾ محراب خان سخت زخمي ٿي پيو ۽ نور محمد ڪلهوڙو ۽ دائود ڪلهوڙو گرفتار ٿي جيل ويا. خيار لهڙيءَ هنن تي سخت پهرو هڻائي ڇڏيو. ڪجهه وقت کانپوءِ هي ٻئي قيد مان ڀڄي نڪتا ۽ ايران وڃڻ لڳا، پر خيار لهڙي، ميان صاحبن کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو. وقت گذرڻ بعد جڏهن نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم ٿيو ته خيار لهڙي ميان نور محمد ڏانهن سنڌ آيو ته ميان صاحب خيار لهڙيءَ جو اُٿي استقبال ڪيو، ڀاڪر پائي ساڻس ملي، کيس چيائين: ”اي بيحيا! تون پنهنجي ڪهڙي چڱائي ۽ احسان کي اڳيان رکي مون وٽ آيو آهين؟ مون تنهنجو اٿي بيهي استقبال ڪيو. سمجهيم ته اهڙيءَ طرح تون پنهنجي ڪيئي کي ياد ڪري مري ويندين، پر ائين نه ٿيو، پوءِ آءٌ توسان ڀاڪر پائي مليس، ان جو به توتي ڪو اثر نه ٿيو، وري مون توکي عزت ڏئي ڪرسيءَ تي ويهاريو، پر افسوس جو ان ڳالهه جو به تو تي ذرو اثر نه ٿيو.
خدا جو قسم! تو جهڙو بيحيا دنيا ۾ پيدا نه ٿيندو! ان بعد ميان نور محمد خيار لهڙيءَ کي خلعت ۽ هڪ سؤ رپيا ڏياريا.“


لفظ خيار لهڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو